اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران نيازي سياسي زوال جي انتها تي آهي.هن چيو ته صبح جو بيان، شام جو ان جي ترديد، رات جو گاريون، پوءِ صبح جو ان کان معافي گهرن ٿا. وفاقي وزير چيو ته فتنا خان پاڪستان جي سلامتي لاءِ مستقل خطرو آهي، قوم اهڙي فتني کي رد ڪري چڪي آهي. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پشاور کانپوءِ چشتيان ۾ عمران خان جي بي عزتي ٿي آهي.










