عمران لاءِ اقتدار جا دروازا بند، پي ٽي آءِ جو صفايو ٿيندو، وساڻ

عمران لاءِ اقتدار جا دروازا بند، پي ٽي آءِ جو صفايو ٿيندو، وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ عمران خان ۽ سندس پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف بابت اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته هن ڀيري پي ٽي آءِ جو صفايو ٿي ويندو، جهنڊو به هلي سگهي ٿو، عمران خان جي پوزيشن هاڻي نومبر کانپوءِ مڪمل طور هيٺ ٿي ويندي.هن چيو ته آڊيو ليڪس کانپوءِ عمران خان جون ٽنگون ڏڪڻيون شروع ٿي ويون آهن، بني گالا ۾ خوف آهي، عمران خان کي وفاق ۽ سنڌ جو اقتدار نه ملندو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي ڇڏي ڏيو، خان لاءِ اقتدار جا سمورا دروازا بند ٿي ويا آهن.. منظور وساڻ چيو ته عمران خان ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو ڇڏي جلسن ۾ مصروف آهي، عمران خان کي عوام نه پر اقتدار گهرجي، عمران صاحب!ڪراچي جو عوام 11 ارب 162 ارب رپين جو حساب گهري رهيو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته جيل ڀڃو تحريڪ جي ڌمڪي ڏيندڙ عمران خان هڪ منٽ به جيل ۾ نٿو رهي سگهي ڇو ته عمران خان کي جيل وڃڻ جو ڊپ آهي.ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيل ريلي جي حوالي سان سنڌ جي زراعت واري صلاحڪار چيو ته پنجاب کانپوءِ ڪراچي جي عوام به عمران خان کي ٻاهر ڪڍيو.

پهنجو تبصرو موڪليو