عمران خان کي ڇو هٽايو ويو, ان جو سبب يا غلطي ٻڌائي وڃي:لياقت جتوئي

عمران خان کي ڇو هٽايو ويو, ان جو سبب يا غلطي ٻڌائي وڃي:لياقت جتوئي

دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي،اڳوڻو سينيٽر صداقت علي جتوئي،اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي سميت پي ٽي آئي دادو ضلعي جي اميدوارن جي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون کي اهو ٻڌايو وڃي عمران خان کي ڇو هٽايو ويو, ان جو سبب يا غلطي ٻڌائي وڃي عمران خان جي جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ بعد انهن کي آندو ويو آهي جن عوام کي ڇا ڏنو عمران خان کي هٽائڻ بعد ڪا بهتري اچي ها ته مڃون ها ته عمران خان کي هٽائڻ جو جواز هو پر ڏينهون ڏينهن عام ماڻهون لاءِ حالات خراب ٿين پيا مان هنن چونڊيل نمائندن کي ڌانڌلي جي پيداوار سمجهان ٿو اسان کي هڪ سازش تحت هارايو ويو بلدياتي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي تياري ڪئي وئي آھي ڪنھن بہ صورت ۾ ڌانڌلي ڪرڻ ڪون ڏينداسين پر امن احتجاج ڪرڻ تي اسان جي مٿان دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن،اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پريشر ڏئي ھٿ کڻائڻ چاھن ٿا امڪاني ڌانڌلي خلاف پوري ضلعي ۾ احتجاج ۽ شٽر بند ھڙتال 18جولائي تي ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو