اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي براءِ بيرون ملڪ ذوالفقار بخاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي بحرين جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڪنگ حمد آرڊر آف رينيسنس سان نوازيو ويندو.عربي خابرو اداري مطابق عرب نيوز سان ڳالهائيندي زلفي بخاري ٻڌايو ته عمرن خان وچ ڊسمبر ۾ بحرين جي سرڪاري دوري تي ايندو جتي ان کي بحرين جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو. عرب نيوز مطابق اهو ايوارڊ 25 آگسٽ تي ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي کي به ڏنو ويو هو ۽ اهو ئي مهينو هيو جنهن ۾ ڀارت مقبوضه ڪمشير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪئي هئي. ٻئي طرف سفارتي ذريعن جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان 15 ڊسمبر تي بحرين لاءِ روانو ٿيندو ۽ اتي گلف قوم جي قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ بطور مهمان خصوصي شرڪت ڪندو. پنهنجي بحرين دوري دوران وزيراعظم شهزاده خليفه بن سلمنا الخليفه ۽ بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوهه وزيراعظم سئزرلينڊ ۽ ملائيشيا جو به دورو ڪندو. ملائيشِا ۾ عمران خان مسلمانن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ٿيندڙ پهرين ڪوالمپور سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. هي سمٽ ملائيشيا جي دارالحڪومت ۾ 18 کان 20 ڊسمبر تائين هوندي جنهن ۾ انڊونيشيا، ترڪي، پاڪستان ۽ قطر شريڪ هوندا.










