عمران خان کي آئينو ڏيکاريندس: اسحاق ڊار جو مناظري جو چئلينج

عمران خان کي آئينو ڏيکاريندس: اسحاق ڊار جو مناظري جو چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي معيشت جي معاملي تي لائيو مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو.پنهنجي وڊيو بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته عمران خان اچي مون سان مناظرو ڪري، عمران خان هر هر غلط بياني ۽ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان اڄ وري معيشت جا غلط انگ اکر پيش ڪيا، اسان وٽ چوائس هئي ته سياست بچايون يا رياست.سندس موجب عمران خان جو هدف آهي ته جيڪڏهن ان جي حڪومت نه رهي ته رياست به نه رهي، عمران خان جي پيدا ڪيل خراب حالتن کانپوءِ اسان رياست کي بچايو آهي، مان عمران نيازي کي آئينو ڏيکاريندس، معاشي بدحالي جا ذميوار اسان نه عمران خان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو