اسلام آباد (مانيترنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان کي عدالت مان اميد آهي ته نظريه ضرورت جي برعڪس آئين ۽ جمهوريت جو علم بلند ڪيو ويندو پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اميد آهي ته آئين ٽوڙڻ جا رستا هميشه لاءِ بند ڪيا ويندا هن چيو ته اسپيڪر جي آئين جي خلاف رولنگ آخري حرف نٿي ٿي سگهي اسپيڪر جيڪڏهن 197 ميمبرن کي غدار ڊڪليئر ڪندو ڇا ان کي چئلينج يا رد نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته اسپيڪر پاڻ ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيو آهي پهريون ڀيرو اسپيڪر 14 ڏينهن اندر اجلاس نه گهرائي آئين ٽوڙيو ٻيو ڀيرو اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کي غير آئيني رولنگ سان رد ڪري آئين ٽوڙيو شيري رحمان چيو ته عدالت کي هن اسپيڪر جي رولنگ کي سخت لفظن ۾ رد ڪرڻ گهرجي عمران خان اهو چوڻ بند ڪري ته اسان اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهيون هن چيو ته چونڊون عوام ۽ اپوزيشن جو گڏيل مطالبو هو پر آئين ۽ اسيمبلي ٽوڙي پنهنجي مرضي مطابق اليڪشن نٿي ڪرائي سگهجي هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون به ڪا شئي هوندي آهي پهريان اوهان کي آئين ٽوڙڻ جو حساب ڏيڻو پوندو هن چيو ته اليڪشن ڪميشن به ٽن مهينن اندر چوندون ڪرائڻ تي خدشو ڏيکاريو آهي ملڪ کي آئيني ۽ انتظامي طور مفلوج ڪري اوهان اليڪشن ڪرائن چاهيو ٿا هن چيو ته اسان اليڪشن کان اڳ چونڊ سڌارا چاهيون ٿا ته جيئن اوهان جي ڌانڌلي جا رستا بند ٿين اميد آهي ته عدالت آئين ۽ جمهوريت جي حق ۾ فيصلو ڏيندي.










