شڪارپور (ن س) مولانا فضل الرحمان جامع مدنيه شڪارپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان خود بروني ايجننٽ آهي ,هن جي هٽڻ سان اسرائيل چينلن تي تشويش افسوس جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ,هي صدر جي معرفت آمريڪي سفير کي الازو آهي ته ڪيئن اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪجي هن کي وائيٽ هائوس تائين رسائي نه ٿي ملي .هن وقت ملڪ جو عوام سيلاب سبب متاثر آهي هي جلسي مٿان جلسو ڪري رهيو آهي,هن وقت قومي الميو آهي سياست ۽ مذهب کان هٽي ڪري انسانيت ناتي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي سيلاب متاثر جي مدد ۽ متاثر علائقن کي بحالي جي ڪوشش ڪرڻ کپي اسان خيبرپختون خواه پي ٽي آءِ حڪومت کي چيو هن ڏکئي وقت ۾ متاثر علائقن جي بحالي لاءِاسان توهان سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيون ليڪن ڪوئي جواب نه آيو, مولانا فضل الرحمان چيو ته جمعيت علماءِ اسلام پنهنجي وس آهر سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ متاثر عوام جي خدمت ڪري رهي آهي,پريس ڪانفرنس کان اڳ مولانا فضل الرحمان جامع مدنيه پهچي جي يو آءِ اڳوان قاري مجيب الرحمان سان سندس جي والد مرحوم قاري محمد علي مدني جي تعذيت ڪئي ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو,قاري عثمان ,مولانا عبدالله پهوڙ. مولانا عبدلله مهر ,حافظ رفيق شر سميت صوبائي ضلعي اڳواڻ موجود هيا.










