اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج زيبا چوڌري خلاف توهين آميز ٻولي استعمال ڪرڻ تي عمران خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪري نوٽيس ڊسچارج ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 ججن تي ٻڌل لارجر بينچ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل هئا. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. عمران خان جو وڪيل حامد خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ به عدالت پهچي ويا.عمران خان جي رويي مان مطمئن آهيان. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته حلف نامي کي اسان ڏٺو آهي، عمران خان پنهنجي نيڪ نيت ثابت ڪري معافي گهرڻ ويو، توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڪارروائي ختم ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هي لارجر بينچ جو متفقه فيصلو آهي، عمران خان جي رويي مان به مطمئن آهيون.
عدالتي معاون اعتراض اٿاريو
ان موقعي تي عدالتي معاون عدالت ۾ اعتراض اٿاريو ته عمران خان حلف نامي ۾ غير مشروط معافي نه گهري. جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان پنهنجا لکت ۾ اعتراض جمع ڪرايو ته جيئن توهان جا اعتراضن کي پنهنجي لکت واري فيصلي جو حصو بڻائينداسين
توهين عدالت جي ڪارروائي ختم
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جنهن بعد اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ روانو ٿي ويو.










