عمران خان خلاف توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو

عمران خان خلاف توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته چيئرمين پي ٽي آءِ جو سينيئر وڪيل خواجا حارث آهي.وڪيل خالد يوسف چيو ته وڪيل خواجا حارث اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪيس جي اپيل جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي رهيو آهي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو