اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مخالف ڌر حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جو مسودو تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب تحريڪ عدم اعتماد تي 80 کان وڌيڪ اپوزيشن ميمبرن صحيحون ڪيون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ، اي اين پي، بي اين پي مينگل ۽ ٻين پارٽين جا ميمبر شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ريڪيوزيشن به تيار ڪري ورتي آهي، اجلاس لاءِ عدم اعتماد جي رٿ ۽ ريڪيوزيشن ڪنهن به وقت جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چيمبر کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب تجويز ڪيل مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني صورتحال آهي، پرڏيهي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته قائد ايوان اعتماد وڃائي چڪو آهي، جنهن تي هن ايوان جي اڪثريت جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو آهي. واضح رهي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون سرگرم آهن ۽ ان حوالي سان سياست جي وڏن رانديگرن جون ملاقاتون به جاري آهن. گذريک ڏينهن مولانا فضلالرحمان 48 ڪلاڪن ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اپوزيشن جي دعويٰ آهي ته کين 24 حڪومتي بينچن تي ويهندڙ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.










