ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڪيسن کي عدالتي مثال طور وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٺٽي ۾ سياسي شخصيت جي سيڪيورٽي گارڊ جي قتل جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڪيسن کي عدالتي مثال طور وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جسٽس تسنيم سلطانه ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جي باني جا ڪيس تڪراري آهن، انهن کي مثال طور پيش نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪا ٻي عدالتي مثال يا فيصلا آهن ته انهن کي پيش ڪريو.جسٽس تسنيم سلطانه پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواست ڏيندڙ هن وقت عدالت ۾ موجود آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته درخواست ڏيندڙ هن وقت ٺٽي ٽرائل ڪورٽ ۾ موجود آهي، درخواست ڏيندڙ جي عبوري ضمانت کي حفاظتي ضمانت ۾ تبديل ڪيو وڃي.عدالت 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت کي حفاظتي ضمانت ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.










