عمران خان جي مينار پاڪستان تي جلسي جي تاريخ تبديل

عمران خان جي مينار پاڪستان تي جلسي جي تاريخ تبديل

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي. مينار پاڪستان تي جلسو 23 اپريل بدران 24 اپريل تي ٿيندو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فرخ حبيب سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 23 اپريل تي عمران خان جي مينار پاڪستان تي جلسي جي تاريخ تبديل ڪري يومِ شهادت حضرت علي عه ڪيو ويو آهي.اجلاس جي تبديل ٿيل تاريخ جي وضاحت ڪندي فرخ حبيب لکيو ته اجلاس هاڻي 24 اپريل آچر تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو