اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ مرڪزي اليڪشن ڪميشن سميت ملڪ ۾ ڪميشن جي آفيسن ٻاهران ڀرپور احتجاج رڪارڊڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي تفصيل موجب پي ٽي آئي جي مرڪزي قيادت جو اهم اجلاس عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي 26هين يوم تاسيس جي مبارڪ ڏني وئي اجلاس ۾ اسلام آباد مارچ جي تيارين جي سلسلي ۾ چيئرمين عمران خان جي پشاور، لاهور ۽ ملتان جي دورن جو اعلان ڪيو ويو انهن دورن دوران عمران خان ٽنهي اهم هنڌن تي ڪارڪنن ۽ اهم سياسي سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي خلاف ملڪ گير احتجاج جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ممنوعه فنڊنگ جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلي تي اطمينان ڪيو ويو.










