لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ عمران خان جي رهائشگاهه تي نئون بلٽ پروف گيٽ پهچايو ويو آهي، نئين گيٽ جي قيمت 12 کان 15 لک رپيا آهي.ذريعن موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائشگاهه جو نئون بلٽ پروف گيٽ 16 فوٽ ڊگهو ۽ 10 فوٽ ويڪرو آهي، هي گيٽ لڳ ڀڳ 12 کان 15 لک رپين جي لاڳت سان ٺاهيو ويو آهي.










