اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته عدالتن جو جيڪو به فيصلو ٿئي سڀني کي قبول آهي پر عمران خان جي ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.ان حوالي سان شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان ضد ۽ انا پرست ناهي پر غلط فهمي آهي جنهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.










