دبئي(ويب ڊيسڪ)زمبابوي جي مشهور اسلامي اسڪالر اسماعيل ابن موسيٰ مينڪ، جيڪو مفتي مانڪ جي نالي سان به مشهور آهي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.مفتي مانڪ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو ته فائرنگ جي واقعي ۾ عمران خان جي زخمي ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو آهي.مفتي مانڪ وڌيڪ لکيو ته تشدد جا هر قسم سراسر غلط ۽ ناقابل قبول آهن، اسان جي اختلافن جي پرواهه ناهي.هن عمران خان جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.ان کان علاوه ٻين پرڏيهي اڳواڻن به عمران خان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.واضح رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ڪري زخمي ٿي پيو هو.واقعي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين اڳواڻن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي بعد ۾ ڪنٽينر وٽان پڪڙيو ويو، جنهن عمران خان تي فائرنگ جو به اعتراف ڪيو.










