خان بابت ڪانگريس ميمبرن جو خط آمريڪي صدر کي ملي ويو

خان بابت ڪانگريس ميمبرن جو خط آمريڪي صدر کي ملي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي صدر کي ڪانگريس ميمبرن کان پي ٽي آءِ باني بابت خط مليو آهي. ميٿيو ملر چيو ته اسان مناسب وقت ۾ ميمبرن کي جواب ڏينداسين آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا جيڪبسن جي انساني حقن واري وفاقي سيڪريٽري الله ڏنو خواجا سان ملاقات بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي جامع لاڳاپن ۾ انساني حقن، مضبوط جمهوري ادارن جي ڪردار تي زور ڏنو ويو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جمهوريت کي برقرار ڏسڻ چاهي ٿو، جمهوريت ۾ حصو وٺڻ ۽ انهن جي بنيادي آزادين کي استعمال ڪرڻ جو حق به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو