عمران حڪومت ختم آهي پر عهدن تي چنبڙيل آهن، مراد شاهه

عمران حڪومت ختم آهي پر عهدن تي چنبڙيل آهن، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي ووٽ وڃائڻ کان پوءِ به وزيراعظم وارو عهدو جاري رکڻ لاءِ وفاقي وزير رڳو ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ لاءِ ٻن مختلف آرٽيڪلن آرٽيڪل 95 (4) ۽ آرٽيڪل 94 جي تعريف ۾ خلل وجهي رهيا آهن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 (4) جي تحت قومي اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن جي گهڻائيءَ کان عدم اعتماد واري تحريڪ منظور ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم سندس عهدي تي مقرر نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري صدر به ان وزيراعظم کي نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين عهدو رکڻ لاءِ نٿو چئي سگهي. ايئن رڳو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن وزيراعظم استعيفيٰ ڏي. اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. صوبائي وزير امتياز شيخ، تيمور ٽالپور ۽ قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سندس گڏ هو. وڏي وزير چيو ته آئين بلڪل واضح آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ اعتماد جو ووٽ وڃائڻ بعد صدر وزيراعظم کي ڪم جاري رکڻ جو نه ٿو چئي سگهي، ها جيڪڏهن وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ته صدر وزيراعظم کي سندس جانشين جا چونڊجڻ تائيم ڪم جاري رکڻ جو چئي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻه مختلف ڪيس آهن، انهن کي ملائي نٿو سگهجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم رڳو اقتدار کي چمبڙي رهڻ واري ذاتي فائدي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ وفاقي وزير سڌو سنئون عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ شڪست کي قبول ڪندي چيو آهي ته هُو بطور اينڪر ڪم ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۾ شامل ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته هُو (شيخ رشيد ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا وزير) جيڪي سنڌ اسيمبليءَ ۾ فارورڊ بلاڪ بڻائڻ ۽ صوبي ۾ گورنر راج لڳائڻ جا وڏا دعوا ڪري رهيا هئا سندن ٽنگن اڳيان پڇ رکي وڃي رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هڪ وفاقي وزير (شيخ رشيد) سڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ کي مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مان حيران آهيان ته هُو پنهنجي هٿن مان اقتدار کي ويندي ڏسي بوکلائجي ويا آهن. اهو آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت وڪامڻ جي مترادف آهي. سيد مراد علي شاهه افسوس جو اظهار ڪيو ته پي ٽي آءِ جا وزير ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن جي هجوم کي پار ڪري ايم اين ايز کي ”شرم کان هلڻ“ کان ڊيجاري رهيا آهن. هن چيو ته انهن سندن ڪارڪن کي ملڪ ۾ سنگين بحران پيدا ڪرڻ لاءِ روڊ رستا بند ڪرڻ جي ڪال به ڪئي آهي. اهي باهه سان کيڏي رهيا آهن ۽ آئين جي آرٽيڪل 6 تحت پنهنجي پاڻ کي ذميوار ڪري رهيا آهن. وڏي وزير ٻن اڳوڻن وزيراعظمن يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف کي عدالت نااهل قرار ڏنو هو ۽ اسيمبليءَ آئين مطابق سندن جانشينن جي چونڊ ڪئي هئي. پر هاڻوڪي حڪومت آئين جي خلاف ورزي ۽ ملڪ ۾ امن امان جو بحران قائم ڪرڻ چاهي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جيتوڻيڪ وزيراعظم پنهنجي عام جلسي ۾ سفارتي خط لهرايو آهي ٻين ملڪن جا سفارتڪار پنهنجي پاڪستاني هم منصبن سان کلي ڪري ۽ کلم کلا ڳالهائڻ کان لنوائيندا آهن. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي ٻين ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ سان دشمني آهي ۽ هاڻي هُو سڪيورٽي رسڪ بڻجي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پاران ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جي گرفتاريءَ جي حڪم جي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير توهين عدالت ڪري رهيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڄام ڪريم جي 11 اپريل تائين ضمانت ٿي چڪي آهي هُو ان کي ڪيئن گرفتار ڪري سگهي ٿو؟. سيد مراد علي شاهه چيو ته ناظم جوکيو جو قتل هڪ افسوس ناڪ واقعو هو ۽ سنڌ حڪومت ڪيس داخل ڪرڻ ۾ متاثر خاندان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي ايم پي اي کي ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن انهن ان کي نامزد ڪيو. ۽ پوءِ انهن ايم اين اي ڄام ڪريم کي نامزد ڪيو پر هُو پاڪستان کان ٻاهر هو. هن وڌيڪ چيو ته گرفتاريءَ کان پهرين ضمانت حاصل ڪرڻ بعد واپس اچي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي ڪي پي ڪي ۾ هڪ صوبائي وزير تي پڻ هڪ قتل جو ڪيس هلي رهيو هو پر ان جو ڪيس ڪڏهن به بحث هيٺ ناهي آيو. فواد چوڌريءَ جي بطور قانون واري وزير جي مقرري واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ان جو نوٽيفڪيشن ناهي مليو، جيڪڏهن نئين قانون واري وزير طور مقرر ٿئي ٿو ته هُو پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ مدي وارو وزير هوندو. ايم ڪيو ايم بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته متحده قومي موومينٽ جي قيادت سان ورڪنگ فريم ورڪ تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون لاڳاپيل قيادت جي موجودگيءَ ۾ ٿيون. منهنجي خيال ۾ ٻنهي پارٽين پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اها ورڪنگ رليشن شپ ۽ افهام تفهيم صوبي ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي ۾ ٻنهي پارٽين جي مساوي نمائندگي سان گڏ ڪجهه ڪميٽين کي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آهي ڪميٽيون جعلي ڊوميسائل جي حوالي سان جاري انڪوائري ۽ ٻهراڙي ۽ شهري ملازمتن واري ڪوٽي تي عملدرآمد جي نگراني ڪنديون. سيد مراد علي شاهه چيو ته اهو ايم ڪيو ايم قيادت تي منحصر آهي ته صوبائي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿئي، باقي انهن ڪابه وزارت ناهي گهري. وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير استعفيٰ ڏني آهي ۽ هڪ ڏينهن اندر نئين قائد ايوان کي چونڊڻ لاءِ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو ويو آهي پر قومي اسيمبليءَ ۾ عدم اعتماد واري تحريڪ تي ووٽنگ ۾ دير ڪري رهيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ نون اڪثريتي پارٽي آهي پر ان وقت به مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف حمزا شهباز کي وڏ وزارت جو اميدوار مقرر ڪرڻ لاءِ گڏيل اپوزيشن سان صلاح ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ هائوس تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. اهو ايوان تي حملو نه هو اهو صوبي سنڌ تي حملو هو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد پوليس ان کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي. هن آءِ جي پوليس اسلام آباد تي زور ڀريو ته هُو سنڌ هائوس حملي واري ڪيس کي سٺي ريت نمٽائي جهڙي ريت هُو پي ٽي وي حملي ڪيس کي نبيري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو