اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته عمران نيازي پاران ننڍين سياسي فائدن لاءِ قومي ادارن کي ڌمڪيون ڏيڻ انتهائي مذمت جوڳو آهي.هن چيو ته عمران نيازي بغير ثبوتن فيصل نصير ۽ انٽيليجنس ايجنسي جي آفيسرن تي الزام لڳائي رهيو آهي.انهن کي بنا ثبوت جي الزام لڳائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.شهباز شريف چيو ته قومي ادارن ۽ آفيسرن خلاف الزام قبول نه ڪيا ويندا.










