اسلام آباد(بيورو)عمر سرفراز چيما گورنر پنجاب جي عهدي تان هٽائڻ واري نوٽيفڪيشن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب پنجاب جو برطرف گورنر عمر سرفراز چيما جلد ڪابينا ڊويزن کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪندو، جنهن لاءِ هن آئيني ماهرن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما پاران داخل ڪيل درخواست اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر سرفراز چيما جي گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس جي مقرري جو معاملو به عدالت ۾ اٿاريو ويندو.










