عليمه خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم

عليمه خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عليما خان جي پيش نه ٿيڻ تي سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان جا بينڪ اڪائونٽس به منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،عدالت ان حوالي سان نادرا ۽ اميگريشن پاسپورٽ کي هدايتون جاري ڪيون آهن، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت عليما خان جي ضامن عمر شريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو آهي ته عليما خان هر هنڌ موجود آهي پر عدالت ۾ پيش نه ٿي، بعد ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،جج امجد علي شاهه 26 نومبر جي احتجاج ۾ عليما خان ۽ 11 جوابدارن خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو