خانپورمهر( حميد سيال) سردار محمد بخش خان مهر خميس تي رٽرننگ آفيسر سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏي. هوڏانهن باري پتافي کي سرڪاري پروٽوڪول استعمال ڪرڻ تي کيس نوٽيس جاري ڪيو ويوآهي. اميدوارن ڳوٺن جا دوران شروع ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي وزير علي محمد خان مهر جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 205 تي 18 جولاءِ تي اعلانيل پولنگ جي سلسلي ۾ مهر خاندان ۾ اختلاف کلي سامهون آيا آهن ۽ سياست رت جي رشتن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. سردار محمد بخش خان مهر ۽ سندس ڀاڻيجو آمهون سامهون آهن. پيپلزپارٽي جو ايم پي اي راجا عرف علينواز مهر جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر خان سان ملي ويو آهي. سردار محمد بخش خان مهر جي لنڊ ۽ ڌاريجا برادرين حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جروار مان لغاري برادري اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندي چيو آهي ته 50 سالن کان وڏيرن آسرا ڏنا ڪم نه ڪرايا، هاڻي جيڪو ترقياتي ڪم ڪرائيندو ووٽ ان کي ڏينداسين. محمد بخش خان مهر جي حق ۾ جي يو آءِ اميدوار کي هٿ کڻائڻ لاءِ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو آهي پر اڃا مولانا کين جواب ناهي ڏنو. محمد بخش خان مهر پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي وڏي سوٽ علي گوهر مهر تي خاندان کي ورهائڻ جو الزام مڙهيو آهي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي گوهر خان چاهي ٿو ته سندس اشاري تي هلان ٻي صورت ۾ سياست کان آئوٽ هجان؛ اهڙو اظهار چيف سردار محمد بخش خان مهر پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته علي گوهر خان مون کي سياست مان آئوٽ ڪرائي چڪو آهي باقي صلاحڪاري ته پ پ چيئرمين جي مهرباني هئي. هن وڌيڪ چيو ته فوتگي واري سيٽ تي سامهون چونڊ وڙهڻ واري روايت علي گوهر خان مهر ئي وڌي آهي؛ مرحوم علي محمد خان مهر جو فرزند منهنجو ڀاڻيجو آهي جنهن کي پ پ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن مٿان دٻاءُ وجهي کيس مون سامهون بيهاريو ويو آهي. هن چيو ته احمد علي خان مهر مونکي ننڍي ڀاءُ بنگل خان جيترو پيارو آهي، مرحوم علي محمد خان مهر سان والد ۽ پٽ وارو رشتو هيو. هن چيو ته مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته خاندان ٻن حصن ۾ نه ورهائجي پر علي گوهر خان مهر احمد علي خان مهر کي منهنجي سامهون آڻي خاندان ۾ اختلاف وڌائي ڇڏيا آهن. مون ڪنهن به غريب کي ٻڌرائڻ، کڻائڻ ۽ جيلن ۾ وجهرائڻ واري سياست ناهي ڪئي، ان ڪري ماڻهو محبت ڪن ٿا، آمريتي دور کي ختم ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيو آهيان، اوهان به بنا خوف جي منهنجو ساٿ ڏيو، اوهان جي خدمت ڪندس.

هوڏانهن اين اي 205 گهوٽڪي خانڳڙهه تڪ جي آزاد اميدوارن احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر پيپلزپارٽي تي انتقامي ڪارروائين جا الزام هڻندي چيو آهي ته پ پ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي انتقامي ڪارروائين تي لهي آئي آهي، اسان جي حمايتي ٽائون چيئرمين اصغر شاهه جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن کان ڇاپو هڻايو ويو آهي، آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون پڻ ڪيون پيون وڃن، اسان جي ووٽرن ۽ سپورٽرن کي ڌمڪايو پيو وڃي، باري پتافي جي استعيفيٰ پڻ قبول ناهي ٿي، آزاد اميدوارن چونڊون آرمي ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پ پ حڪومت جي ڪارروائين جو فوري طور نوٽيس وٺي

. ٻئي پاسي خانڳڙھ ۾ پ پ اڳواڻن ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، مير بابر خان لنڊ ۔ مير احسان خان سندراڻي ۔ عبدالرب خان پتافي سڪندر لاکو۽ ٻين سردار محمد بخش خان مهر سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پيپلز پارٽي جي ضلعي قيادت هڪ ئي پليٽ فارم تي آھي ۽ اسان جو مقصد پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر کي سوڀ حاصل ڪرائڻ آھي ان موقعي تي مهر برادري سان تعلق رکندڙ حاجي زبردست خان مهر ۽ حاجي دادن خان مهرپڻ موجود هئا.

هوڏانهن جروار مان محمد بخش گبول موجب لغاري برادري جي چڱي مڙس احمد لغاري جي رهائش گاھ تي جروار يوسي ۾ رهندڙ لغاري برادري جو ڪٺ ٿي گذريو جنهن ۾ لغاري برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي ,ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو اليڪشن کان اڳ اسان جي ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندو ان کي ووٽ ڏينداسين۔ وڏيرو احمد لغاري ۽ٻن چيو ته 50سالن کان اسان وڏيرن کي ووٽ ڏيندا اچون پيا پر 50سالن ۾ جروار يوسي ۾ رهندڙ لغاري برادري جي ماڻھن کي نظرانداس ڪندا پيا اچن۔










