علي وزير جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ضمانت منظور

علي وزير جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ٻئي ڪيس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ علي وزير کي ضمانت ۾ 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت چيو ته جوابدارن محسن داوڙ، منظور پشتون ۽ ڊاڪٽر جميل جي گرفتاري لاءِ ڪابه ڪوشش ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن جي ضمانت کي به چئلينج ناهي ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير تي اشتعال انگيز تقرير ڪرڻ جا 3 الزام آهن، جن مان ٻن ۾ ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.علي وزير خلاف شاهه لطيف ۽ سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو