علي امين جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل کانپوءِ شڪار پوليس حوالي

علي امين جوڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل کانپوءِ شڪار پوليس حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.علي امين گنڊاپور جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته زمان پارڪ سرچ آپريشن دوران پوليس هٿيار هٿ ڪيا، گرفتار جوابدارن بيان ڏنو ته هٿ آيل هٿيار علي امين گنڊاپور فراهم ڪيا هئا.پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار جي بيان جي تصديق لاءِ علي امين جو جسماني رمانڊ گهربل آهي.عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.ٻئي طرف سنڌ پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان علي امين گنڊاپور جو راهداري رمانڊ طلب گهريو ويو.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور خلاف 18 اپريل تي شڪارپور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور خلاف اشتعال انگيز تقرير سميت ٻين الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عدالت علي امين جو ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظوري ڪندي شڪارپور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو