ٽنڊومحمدخان(لال بخش سٺيو) ڳوٺ بجرخان ٽالپر ۾ چيتي نما خوني ٻلو پڪڙيو ويو آھي جيڪو ماڻهن تي هملا ڪري رهيوهو. حملي وقت ڀڄڻ جي رفتار۽ جهپٽڻ جو انداز به چيتي جيان آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته خوف سبب اسان ھڪ مهيني کان سڄي رات جاڳي گذاريندا ھئاسين کيس پڪڙڻ لاءِ ڏيڍ سئو کان مٿي جڳهين تي ڄار وڇايو ويو ھو. ھنن ٻڌايو ته ھن کانسواء ھڪ ٻيو آدم خور جهڙو جانور جيڪو ماڻهن تي حملو ڪري ٿو جنهن کي پڪڙڻ لاءِ انتظاميه اسان سان تعاون ڪري. سنڌ وائلڊ لائيف وارن کي اپيل آهي ته هو چيتي نما ٻلو هٿ ڪن ۽ ڳوٺاڻن سان ٻيو خوني جانور پڪڙڻ ۾ مدد ڪن.










