ڪراچي/اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر ۽ بيورو رپورٽ) لياري گينگ وار، بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ ۽ نثار مورائي وارين جي آءِ ٽيز رپورٽس بابت سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي نمائندن ۾ الزام بازي جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي. وفاقي وزير علي زيدي اسلام آباد ۾ اطلاعات کاتي جي وزير شبلي فراز سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ حڪومت پاران سومر تي جاري ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽس کي اڻپورو قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت انهن ۾ ڦير ڦار ڪري اصل ڳالهيون غائب ڪيون آهن.

هن الزام لڳايو ته هن وٽ عذير بلوچ جي جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ آهي ان ۾ سندس بيان حلفي جي صفحي 7 تي احم شخصيتن جا نالا ورتا هئا اهو سنڌ حڪومت واري رپورٽ ۾ ناهي. هن چيو ته عذير بلوچ اقرار ڪيو هو ته ذوالفقار مرزا کانپوءِ شرجيل ميمڻ ۽ اويس ٽپي کائنس ڪم وٺندا هئا. جيڪا رپورٽ اسان وٽ آهي ان ۾ وڏا انڪشاف آهن. هن سپريم ڪورٽ کي از خود نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اوهان رپورٽ لکندڙ آفيسرن کي به گهرايو ته اصل خبر پئجي ويندي. هن چيو ته فرحان غني منشيات فروشن جي حمايت ڪندو رهيو عذير چنيسر ڳوٺ بابت جيڪي انڪشاف ڪيا اهي به رپورٽ ۾ ناهن. هوڏانهن سندس جواب ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، سعدي غني ۽ قادر پٽيل ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي علي زيدي جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته هن وٽ جيڪا رپورٽ آهي ان تي ڪنهن به عملدار جي صحيح يا سرڪاري ٺپو ناهي. ڇا غير تصديق ٿيل رپورٽ هو اسمبلي ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. سوال اهو به آهي ته اها رپورٽ علي زيدي کي ڪنهن ڏني؟ هن چيو ته زيدي جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي هو اسانجي قيادت تي الزام پيو هڻي. قادر پٽيل چيو ته عذير بلوچ سان جن جا به فوٽو آهن انهن سڀني کي پڪڙيو، جن ۾ شاهد آفريدي، مولانا طارق جميل، اياز لطيف پليجو، ماروي ميمڻ ۽ ٻين سڀني جا فوٽو آهن. ياد رهي ته عذير بلوچ جيڪو سيڪورٽي ادارن جي حراست ۾ آهي تنهن سان منسوب خبرون اينديون رهيون ته هن خالد شهنشهاهه سميت درجنين ماڻهن کي پي پي اڳواڻن جي چوڻ تي قتل ڪيو، بلاول هائوس لڳ سمورا گهر خلاي ڪرائي سستي اگهه تي خريد ڪيا، لياري گينگ وار کي پي پي جي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. جڏهن ته سانحه بلديه فيڪٽري ۾ ڪروڙين روپيا ڀتو نه ڏيڻ تان رئوف صديقي جي چوڻ تي باهه ڏئي 150 کان مٿي مزدورن کي جيئرو ساڙيو ويو. ان بابت عامر خان جو چوڻ آهي ته متحده پاڪستان جو ان سان ڪو واسطو ناهي. نثار مورائي پڻ مبينه طور پي پي قيادت جي چون تي ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ ڀتو اوڳاڙي پي پي قيادت کي ڏيندو. هو. حڪومت پاران جاري ڪيل رپورٽس پنهنجي جاءِ تي پر هي ڪهڙو ملڪ آهي ته سرڪاري طور تي قتل، دهشتگردي، ڌاڙن. ڦرن،. اغوا، ڀتي جو اقرار ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران هڪ ٻئي تي الزام لڳايا پيا وڃن. ڏيڍ سان کان مٿي مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ متحده عمران خان جي اتحادي آهي ۽ حڪومت جو حصو آهي.










