عدم اعتماد ۾ ڊبل سينچري اسڪور ٿيندي، بلاول ڀٽو

عدم اعتماد ۾ ڊبل سينچري اسڪور ٿيندي، بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)بلاول ڀٽو چيو آهي ته کيس يقين آهي ته مخالف ڌر عدم اعتماد واري رٿ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪندي. اهڙو اظهار هن جيو نيوز جي ڪيپيٽل ٽاڪ جي ميزبان هامد مير کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مان توهان کي چئلينج ڪريان ٿو ته مون کي ٻڌايو ته ٻاهرين سازش ڪٿي آهي؟ اسان ٽن سالن کان محنت ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ آمريڪا کي ڪا به دلچسپي ناهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن توهان (عمران خان) 10 لک ماڻهن کي دعوت ڏئي رهيا آهيو ته پوءِ توهان ان طاقت جو اظهار ڪري رهيا آهيو جنهن جو آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ ذڪر آهي.

اپوزيشن لاءِ تبديلي ڏينهن جي ڳالهه آهي. اسان روڊن تي نه پر پارليامينٽ ۾ مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا. جتي هڪ لک نه، رڳو 172 ماڻهو گهرجن ٿا پر اسين ڊبل سينچري اسڪور ڪنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ايندڙ حڪومت آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون ڪندي، عمراني معاهدو ختم ڪنداسين. هن چيو ته ڪانپين ٽانگين جو جملو پي ٽي ا3 وارن جعلسازي ڪندي ايڊت ڪيو آهي جنهن جا هو ماهر آهن. مونکي لڳو ته زبان ڦسلي آهي پر جڏهن گهر اچي جيو نيوز جي هيڊ لائڻز ٻڌيون ته ان م به ٺيڪ هو. چلو جيڪو به آهي مان اهو جملو اون ڪريان ٿو پر اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جڏهن مارچ شروع ٿيو ته وزيراعظم جون ٽنگون ڏڪيون ۽ هن پيٽرول ۽ بجلي جو اگهه گهت ڪيو پر جڏهن مارچ اسلام اباد پهتو ته هن جون ڪاپين ٽانگين ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو