عدم اعتماد جي رٿ غير آئيني قرار، اجلاس ملتوي، اپوزيشن جو احتجاج

عدم اعتماد جي رٿ غير آئيني قرار، اجلاس ملتوي، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم عمران خان جي سياسي قسمت جو فيصلو ڪرڻ لاءِ عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ لاءِ قومي اسمبلي جو اجلاس مني ڪلاڪ جي دير سان ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته قانون ۽ انصاف ۽ اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چيو ته معاملو عدم اعتماد جو ناهي پر رياست سان وفاداري جو آهي. پرڏيهي طاقتن جي مدد سان اسانجي 22 ميمبرن جو وفاداريون خريد ڪري تبديلي آندي پئي وڃي. هن چيو ته اسين جيڪڏهن غيرتمند قوم آهيون اهو نه هلندو. اوهان آئين جي آرٽيڪل 5 مطابق رولنگ ڏيو پوءِ ڪاروائي ڪريو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته وزير قانون جي رٿ موجب مان هن عدم اعتماد جي رٿ کي غير آئيني قرار ڏيان ٿو ۽ اجلاس 25 مارچ تائين ملتوي ڪريان ٿو. ايوان ۾ حڪومت جا 80 ميمبر موجود هئا، اپوزيشن بئنچن تي 176 ميمبر موجود هئا، وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ 172 ووٽ گهربل هئا. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ايوان جي ڪاروائي غير آئيني آهي، فواد چوڌري ۽ قاسم سوري خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو