اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدم اعتماد جي تحريڪ بابت جوڙ توڙ جون ڪوششون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان ڪور ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ عدم اعتماد جي ووٽنگ لاءِ قومي اسمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي تاريخ طئي ڪرڻ جو امڪان آهي. مونس الاهي علي ترين کي فون ڪئي آهي جنهن کيس چيو ته هنن جو اڄ اجلاس آهي جنهن بعد هو کلي ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ هوندو. خواجا سعد رفيق چيو آهي ته فريش مينڊيٽ جي ضرورت آهي، سوا سال انتظار نٿا ڪري سگهون، عمران خان جيڪڏهن سٺا ڪم ڪيا آهن ته پوءِ ڊڄي ڇو ٿو؟، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسين عدم اعتماد جو آئيني، قانوني، جمهوري ۽ سياسي انداز سان مقابلو ڪري ان کي ناڪام بنائينداسين. گهرو وزير چيو آهي ته اسين اسپيڪر قومي اسمبلي کي رينجرز جي سيڪورتي فراهم ڪئي آهي ۽ ضرورت پئي ته اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪئي ويندي. حڪومت ۽ اپوزيشن هڪٻئي تي ميمبرن جو وفاداريون خريدن جا الزام لڳائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو ڪالهه عدم اعتماد جي معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي شاهه محمود قريشي تنقيد چيو ته ان معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪو به ڪردار ناهي. عدام اعتماد جي آخري مرحلي جي ڪوششن م بلوچستان عوام پارٽي، مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪردار احم بڻجي ويو آهي.










