عدت ۾ نڪاح، ٽرائل ڪورٽ شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ڪري، حڪم

عدت ۾ نڪاح، ٽرائل ڪورٽ شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ڪري، حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت نکاح ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان ۽ بشرا بي بي جي عيد تي نڪاح خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،جنهن دوران عمران خان ۽ بشرا بي بي جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو،سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ چيو ته سڄي ضلعي جي عدليه اڊيالا جيل ۾ موجود آهي، اڄ هنن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻا آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان روڪيو پيو وڃي،عدالت پڇاڻو ڪيو ته عام طور تي عدت جي مدت ڪيتري آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪڏهن سندس بيان کي مڃيو وڃي ته طلاق جي 48 ڏينهن کانپوءِ نڪاح ٿيو،عام طور تي عدت 90 ڏينهن هوندي آهي پر تقي عثماني صاحب ان ۾ عدت جي حوالي سان وضاحت ڪئي آهي. عدالت جو فيصلو آهي،ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته فرض ڪريو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو ڪو به فيصلو ناهي ته توهان ان درخواست ۾ ڪهڙو چئلينج ڪيو آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي جاري سمن کي چئلينج ڪيو آهي،عدالت چيو ته قانون موجب عيد دوران شادي ٿيندي ته بعد ۾ باقاعده ٿيندي، جيڪڏهن شادي ريگيولر ناهي ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟،بعد ۾ عدالت ٽرائل ڪورٽ کي عدت نڪاح ڪيس ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو