تنگواڻي: (ن س) جمال پوليس ٿاڻي جي حد غوثپور_تنگواڻي لنڪ روڊ ڳوٺ ارصلاح بجاراڻي ڀرسان سول ڪورٽ تنگواڻي مان حاضري ڏئي واپس موٽندڙ بابن پٽ نظام الدين ملڪ ۽ جاويد پٽ عبدالرشيد ملڪ کي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب چولياڻي ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان شروع ٿيل خوني تڪرار جھيڙي جو رخ اختيار ڪري ورتو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته اهي قتل اڪبر چولياڻي جي قتل جي پلاند ۾ ٿيا آهن. جڏھن تہ 2 مھينا اڳ ساڳئي پلاند ۾ پرائمري استاد راڻو ملڪ تقئي بجاراڻي قتل ٿي ويو هو.ھن وقت تائين جھيڙي ۾ ھڪ ڄڻو چولياڻي برادري ۽ 3 ملڪ برادري جا نوجوان قتل ٿي چڪا آھن جڏهن ته ھڪ بجاراڻي برادري جو نوجوان تقئي بجاراڻي قتل ٿيو ھيو ملڪ برادري جا ماڻھون وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھتل پوليس نہ پهچي سگهي.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ملڪ برادري جي ٻن نوجوانن جا لاش سندس وارثن کڻائي ايس ايس پي آفيس آڏو رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. انهي موقعي تي مقتولن جي وارثن منظور ملڪ، احمد علي ملڪ، قمرالدين ملڪ، مسمات بيبل، مسمات چاندني ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي ٻنهي نوجوانن کي چولياڻي برادري جي هٿياربندن قتل ڪري کلي دهشتگردي ڪئي آهي. پهريان به اسان جي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو هو پر پوليس ڪجهه به نٿي ڪري. انهي ڪري اسان جا نوجوان قتل ٿي رهيا آهن جيستائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو اسان جو ڌرڻو جاري رهندو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرڻي دوران مقتولن جون مائرون بيهوش ٿي ويون.










