غوثپور (عبدالنبي ملڪ)عدالتي حڪم تي واپڊا جا ٽي ملازم گرفتار شهري عبدالحميد چاچڙ جي درخواست تي سول جج محمد عظيم سولنگي فيصلو ٻڌايو. واپڊا ملازمن جي گرفتاري جي حڪم کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪري واپڊا جي ٽنهي ملازمن حاڪم علي ڏاهاڻي رشيد شاهه ۽ سارنگ باجڪاڻي کي گرفتار ڪري ورتو واضح رهي ته ٻھ مهينا اڳ واپڊا جي ملازمن خلاف درخواست ڏيندڙ دانهيندي چيو هو ته واپڊ وارا مون کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي.










