اسلام آباد(بيورو)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالت عمران خان جي بيانن جو نوٽيس وٺي.چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ ايتري طاقت آهي جو ان جو عدالتي فيصلو قوم مان فتنا هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو.وفاقي وزير چيو ته 25 مئي واري ڪيس ۾ به عمران خان جو علاج ٿي سگهي ٿو. ٻڌڻي سپريم ڪورٽ کي ڪرڻي آهي. اهي صرف توقع ڪري سگهن ٿا، حڪم جاري نه ڪن.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته عمران خان هڪ فتني آهي، جيڪڏهن سمورن ادارن ان جو ادراڪ نه ڪيو ۽ ان جو علاج نه ڪيو ته ملڪ کي حادثو پيش اچي ويندو.










