تحرير اعجاز مهر
کلڻي طبيعت ۽ تمام نرم مزاج وارو سينيٽر عثمان خان ڪاڪڙ جنهن کي اڪثر دوست ۽ گهر ڀاتي به عثامن لالا چوندا هئا، پراسرار نموني فوت ٿي ويو ۽ کيس لکين ماڻهن جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد سندس مسلم باغ جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مسلم باغ بلوچستان جي ضلعي قلعه سيف الله جو تعلقو آهي ۽ سندس وفات کان هڪ هفتو اڳ منهنجو مسلم باغ وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ چاهيندي به مصروفيت سبب ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي. ڪاش ساڻس ڪچهري ٿئي ها. هن سان منهنجوڪو گهڻو گهرو تعلق ته نه هو پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ ڪردار سبب الائي ڇو پنهنجا ويجها لڳندا آهن.

مسلم باغ شهر تمام ننڍڙو آهي ٻنهي پاسن کان پهاڙن ۾ گهيريل وادي آهي. هتي آلو بخارن، صوفن، زردالن جا باغ آهن. سولر سسٽم تي ٽيوب ويل هلڻ سبب اڪثر سڪل باغ هاڻي ساوا رهن ٿا. هتان جي وڏي آبادي ڪرومائيٽ جي ڪاروبار سان واڳيل آهي. ڪرومائيٽ جا وڏا پهاڙ آهن جتي مائيننگ ٿئي ٿي. ڪرومائيٽ جيڪو لوهه، اسٽيل، الائي رم سميت زندگي جي استعمال ۾ اينڊر هزارين شين ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ هتان ڪرومائيٽ چين ايڪسپورٽ ڪيو وڃي. ٿو. هتي باغن ۽ کاڻين تي مزدوري لاءِ افغانستان ۽ سنڌ مان به مزدور اچن ٿا. ڪرومائيٽ جنهن کي ڪروم به چيو وڃي ٿو اهو ٻن صورتن ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو هڪ لمپي ۽ ٻيو واش ٿيل. لمپي پهاڙ مان ڪڍيل پٿر هجي ٿو جنهن ۾ واري ۽ ٻيا ڌاتو به مڪس هوندا آهن. جڏهن ان پٿر کي پيهي اٽو ڪري گرائينڊر مان گزاري ڇاڻي ڪروم کي ڌوئي صاف ڪري علحده ڪيو ويندو آهي. خير هي هڪ جدا موضوع آهي اسين عثمان خان ڪاڪڙ جي ڪردار ۽ موت بابت پئي ڳالهايو ته سندس علائقي بابت هي ڄاڻ به اوهان سان شيئر ڪئي.
اسلام آباد جي ايوان بالا سينٽ ۾ اڪثر سندس تقريرون ٻڌڻ جو اتفاق ٿيندو هو ۽ ايترو ته ڪمپوزڊ ۽ ڪليئر انداز ۾ مهذب ۽ مدلل نموني سان پنهنجي ڳالهه رکندو هو جو دل چوندي هئي ته هو ڳالهائيندو رهي. هڪ سچو سياسي ورڪر جيئن آدرشي هوندو آهي هي به ايئن هو. هن جي زندگي جي سياسي سوچ ۽ مشن تمام گهڻو ڪليئر هو ته پاڪستان فوج جي قربانين سان نه ٺهيو هو پر قائد اعظم محمد علي جناح جهڙن سياسي ليڊرن ٺاهيو هو. هن ملڪ تي آئين مطابق حڪمراني جپ حق صرف عوام جي چونڊيل نمائندن کي آهي ۽ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ با اختيار ۽ مقدس ادار پارليمان آهي.
هو سدائين غير جمهوري قوتن جي سياست ۾ مداخلت تي تنقيد ڪندو هو، فوج ۽ انٽيليجنس ادارن تي تنقيد ڪندو هو ۽ کين آئين جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻ تي زور ڀريندو هو. هو مارچ 2021 ۾ سينيٽ تان ريٽائر ٿيو ۽ ان کان اڳ هن جي تقرير جي ويڊيو به وائرل آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته جيڪڏهن کيس يا خاندان جي ڪنهن فرد کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري انٽيليجنس ادارن تي هوندي. هن چيو ته کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ ڪو پتو ناهي ته ڪڏهن ڪٿي ماريو وڃي.
ريڊيو مشال پنهنجي خبر ۾ مرحوم جي پٽ خوشحال خان ڪاڪڙ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته عثمان خان ڪاڪڙ کي وڏي مهارت ۽ رٿا بندي سان قتل ڪيو ويو آهي. ڪوئٽا واري گهر جي ڊرائنگ روم ۾ هو قالين تي ڪري پيو هو ۽ جڏهن فيملي کيس ڏٺو ته سندس مٿي مان رت وهي رهيو هو. 17 جون تي پيش آيل واقعي بعد کيس ڪوئٽا جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس ايئر ايمبولينس ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال نيو ويو. جتي هو بيهوشي جي حالت ۾ هو ۽ وينٽيليٽر تي هو ۽ 21 جون تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس ميت ڪوئٽا آندو ويو جتان روڊ رستي مسلم باغ آندو ويو. سندس جنازي جي نماز مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ مولانا عطاءُ الرحمان پڙهائي. سندس جنازي ۾ هزارين لکين ماڻهو هئا. مسلم باغ جي آبادي کان هڪ اندازي موجب ٽيڻ تي خلق شريڪ ٿي. سڄي ملڪ مان سندس پارٽي جا ڪارڪن شريڪ ٿيا. بلوچستان جي تاريخ ۾ ايترا ماڻهو شايد ئي ڪنهن شخص جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا هجن.
سندس وفات بعد خاندان وارن پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ حسب روايت هاءِ پروفائيل سياسي ڪيسن جيان هن جي به رپورٽ اها آئي ته طبعي موت ٿيو آهي، جسم تي زخم جو ڪو نشان نه هو. چون ٿا ته سندس خاندان وارن وٽ فوٽو ۽ ويڊيو موجود آهن ته هو سخت زخمي آهي. رتو رت لڳو پيو آهي. اوهان کي شايد هجي ته جڏهن ته سنڌ ۾ پنو عاقل فوجي ڇانوڻي ٺهي رهي هئي ته تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ هو ۽ اهو جواز ڄاڻايو پئي ويو ته ڇانوڻي هوندي ته سنڌ ۾ امن رهندو. تن ڏينهن ۾ جيئي سنڌ جي ڪامريڊ يوسف جکراڻي کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سنڌ ۾ احتجاج بعد جڏهن سندس لاش برآمد ٿيو ته پنون عاقل جي تعلقو اسپتال پاران ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ۾ لکيو ويو هو ته هي گرمي سبب هيٽ اسٽروڪ ۾ فوت ٿيو آهي. جڏهن سندس وارثن غسل ڏئي دفنايو پئي ته قبر تائين سندس جسم مان رت ٽمي رهيو هو.

عثمان خان ڪاڪڙ واري پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد مونکي يوسف جکراڻي جو ڪيس ياد اچي ويو ته ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪئي آهي پر هنن همراهن جي واردات جو طريقو ناهي بدليو. عثمان خان ڪاڪڙ جي پٽ جو اهو به چوڻ آهي ته ايئن ٿو لڳي ته ٻن ڄڻن سندس والد سان ملاقات ڪئي هڪ کيس پڪڙيو ۽ ٻئي کيس ڪاپاري ڌڪ هنيو پر هن اها وضاحت به ڪئي آهي ته کيس اها خبر ناهي تي هو ڪير هئا؟ اپوزيشن مطالبو ڪيو آهي ته سندس موت جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. سوال اهو آهي ته اڄ تائين لياقت علي خان کان وٺي اڪبر بگٽي جي قتل جي سڀني کي خبر هوندي به ڪير قاتلن جي نشاندهي نٿو ڪري ته ڇا عثمان ڪاڪڙ جي قاتلن جو ڪير نالو کڻندو؟ نواب اڪبر خان جي قتل کان اڳ مونکي جنرل پرويز مشرف جو اهو بيان پيو ياد اچي ته هاڻي پهاڙن تي ڀڄي وڃڻ جو دورن ناهي، فوج وٽ اهڙا هٿيار آهن جو خبر ئي نه پوندي ڪهڙي شئي ڪٿان آئي ۽ سرڪش قتل ٿي ويا.
اسانجي ملڪ جو حال به برما جهڙو ئي آهي ۽ جيڪڏهن ملڪ جي اصل حاڪمن حالتن جو ادراڪ نه ڪيو ته مونکي خدشو آهي ته برما جيان هتي به سول وار شروع ٿيندي ۽ خدا نه ڪري جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ايٽم بم به ڪم نه ايندو، عوام سان دنيا جي ڪا به فوج نٿي وڙهي سگهي. فوج هن ملڪ جو قابل احترام ادارو آهي ان کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو ان سان ئي 1965 واري زماني واري عزت کين ملي سگهي ٿي. هاڻي ته سڄي زندگي اسٽيبلشمينٽ جي سياست ڪندڙ رياض پيرزادو جهڙا ماڻهو به چون ٿا ته جڏهن فوجي ترجمان اهو بيان ٿو ڏئي ته فوج جو سياست سان ڪو واسطو ناهي ته کيس اهو ٻڌي شرم ٿو اچي. هن بجيٽ تقرير ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن. ضروي اهي ته فوجي قيادت رياض حسين پيرزادي جهڙي وفادار جي ڳالهين تي ڌيان ڌري ايئن نه ٿئي جو دير ٿي وڃي ۽ پاڻي پلين هيٺان وهي وڃي.










