ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪاره عتيقه اوڍو هڪ ٽي وي پروگرام ۾ پنهنجي مرحوم هدايتڪار اقبال ڪشميري کي ياد ڪندي جذباتي ٿي وئي. عتيقه اوڍو حال هي ۾ هڪ پروگرام ۾ بطور مھمان شريڪ ٿي، جتي هن پنهنجي فني سفر ۽ ماضي جي يادن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پروگرام دوران جڏهن سندس هڪ پراڻي فلم جو ڪلپ ڏيکاريو ويو، جنهن جو هدايتڪار اقبال ڪشميري هو، ته عتيقه اوڍو پنهنجي جذبات تي قابو رکي نه سگهي. هن چيو ته ”اهي گانا هلائي توهان مون کي روئاري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته انهن مان مون کي اقبال ڪشميري صاحب ياد اچي ويندو آهي. مون سندس فلمن ’جو ڊر گيا وو مر گيا‘ ۽ ’ممي‘ ۾ ڪم ڪيو. جيتوڻيڪ فلم ممي وڌيڪ ڪامياب نه ٿي، پر ان جي شوٽنگ جون خوبصورت يادون اڄ به مون سان گڏ آهن.“ عتيقه اوڍو وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ شوٽنگ دوران اڪثر اقبال ڪشميري سان مذاق ڪندي هئي ڇاڪاڻ ته کيس ڊانس ڪرڻ نه ايندو هو، ۽ اقبال صاحب فلم سازي سان ايتري محبت ڪندو هو جو کيس ڊانس سيکارڻ لاءِ پاڻ ناچ ڪري ڏيکاريندو هو. هن چيو ته جڏهن به سندس وفات جو خيال ايندو آهي ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، هو پنهنجي ڪم لاءِ غيرمعمولي جذبو رکندو هو، پر اڄڪلهه اسان جي انڊسٽري گهڻو ڪري پئسي جي چوڌاري گهمڻ لڳي آهي.










