گڏاپ(ن سنڌيار) گلشن معمار ٿاڻي جي حد نادرن باء پاس ويجهو قديمي سنڌي وسندي عباس بروھي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران چڙھائي، مزاحمت تي فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان تاج محمد ڇٽو قتل، ٽي ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ جي وڏي حصي کي مسمار ڪيو ويو، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي بلڊوزن سامھون بيھي رھيا، پوليس پاران سڌي فائرنگ تي ھڪ ڄڻو تاج محمد ڇٽو گوليون لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پاران سخت احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.










