ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن جج شرقي عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت جڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف مقتول جي ڌيءَ دعا عامر جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت دعا عامر جي درخواست منظور ڪندي عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته 18 جون تي جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جيڪو هڪ شهري جي درخواست تي جاري ڪيو ويو هو.عامر لياقت جي وارثن پوسٽ مارٽم جي مخالفت ڪئي هئي ۽ سندس ڌيءَ فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.










