ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي فلم ”لال سنگهه چڊا“ مداحن کي گهڻو متاثر نه ڪري سگهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فلم لال سنگهه چڍا پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي 11 کان 12 ڪروڙ رپيا ڪمايا پر شام جي شوز 12 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کانپوءِ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي فلمساز اميد ظاهر ڪئي هئي ته عامر خان جي فلم رليز جي پهرين ڏينهن ئي باڪس آفيس تي 15 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪندي. فلم ’لال سنگهه چڍا‘ هڪ هفتي ۾ رليز ڪئي وئي آهي ۽ ان ڪري ضروري آهي ته فلم پهرين ڏينهن جي خساري کي پار ڪرڻ لاءِ ناقابل شڪست رجحان جي نشاندهي ڪري.










