ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڌيءَ جون تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو.هڪ انٽرويو دوران عاليا ڀٽ چيو ته رنبير ڪپور ۽ هوءَ پنهنجي ڌيءَ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ نٿا چاهين.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي 30 ورهين جي عاليا ڀٽ چيو ته مان هڪ اهڙي شخص آهيان، جنهن جو خيال آهي ته ٻارن کي عوامي شخصيت نه هئڻ گهرجي، مان هن وقت پنهنجي ڌيءَ بابت ڳالهائڻ نٿي چاهيان.هن چيو ته رنبير ۽ مان بلڪل واضح آهيون ته ڪيتري وقت تائين پنهنجي ڌيءَ کي عوام جي نظر ۾ نه آڻينداسين، اسان ان جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ نٿا چاهيون.عاليا ڀٽ چيو ته مون کي مسلسل راڌا جي ماءُ سڏيو ويندو آهي، جيڪا مون کي پسند آهي، اهو ائين ناهي ته اسان اهو چئي رهيا آهيون ته ڪو به کيس ڏسي نه سگهندو، اهو صرف هن وقت لاءِ آهي.










