عاليا ڀٽ جو 100 سالن جي عمر تائين ڪم ڪرڻ جو ارادو

عاليا ڀٽ جو 100 سالن جي عمر تائين ڪم ڪرڻ جو ارادو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار عاليا ڀٽ جلد ئي ماءُ بڻجي وئي آهي، جنهن 100 سالن جي ڄمار تائين ڪم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي هڪ پريس ڪانفرنس دوران عاليا ڀٽ کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ پنهنجي مسلسل شوٽنگز مان ٿڪجي پئي آهي؟ جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته مان ٿڪل ناهيان پر 100 سالن جي عمر ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي.عاليا ڀٽ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو فٽ ۽ صحتمند آهي ته ان کي آرام ڪرڻ جي ضرورت ناهي ۽ مان پنهنجي ڪم دوران سڪون حاصل ڪريان ٿو، منهنجو ڪم منهنجي دل ۽ روح کي توانائي ڏئي ٿو، مون کي زنده رکي ٿو ۽ مون کي سڪون ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو