واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي تحقيقي اداري جي ڏکڻ ايشيا جي ڊائريڪٽر ۽ مشهور صحافي مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسي رهي آهي.مائيڪل ڪوگلمين موجب اهو معاملو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ به مٿي هو ۽ ان دوران فرانس پاڪستان جي مدد لاءِ هڪ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني جي آڇ به ڪئي.ولسن سينٽر ڊائريڪٽر فار سائوٿ ايشيا وڌيڪ چيو ته عالمي اڳواڻ ۽ مشهور شخصيتون امداد ڏيڻ سان گڏ آگاهي مهم به هلائي رهيا آهن، هي هڪ موقعو آهي پر سياسي ورهاڱي سبب پاڪستان شايد ان موقعي مان فائدو نه وٺي سگهي.










