ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي بئنڪ جي وفد ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي معائنو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب عالمي بئنڪ جي وفد ۾ گلوبل ڊائريڪٽر سروج ڪمار جھا، واٽسسن جي سينيئر ماهر خيري الجمال، پريڪٽس مئنيجر جوسز موگابي، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، پي ڊي ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي عثمان معظم ڊي ايم ڊي پلاننگ محمد ايوب شيخ، سڪندر زرداري، شڪيل قريشي، جميل انصاري، چيف انجينئر آبپاشي مير غلام علي ٽالپر سميت اعليٰ عملدار موجود هئا، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان وفد کي پمپنگ اسٽيشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ترجمان موجب دوري جي موقعي تي ڌاٻيجي پمپنگ کان شهر کي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي جڏھن تہ وفد پاران شهر ۾ پاڻي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن اختيارين کي ڀرپور سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو، بئي پاسي وفد ڪي فور منصوبي جي ان ٽيڪ پوائنٽ چليا ٺٽو جو دورو ڪري منصوبي تي ھلندڙ پيش رفت ۽ جاري ڪمن جو تفصيل جائزو پڻ ورتو، ان موقعي تي پي ڊي ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي عثمان معظم ۽ پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل وفد کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ ڪي فور منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي ۾ پاڻي پهچائڻ واري نظام کي وڌيڪ موثر ۽ پائيدار بڻائڻ آهي ۽ ڪي فور منصوبو فيز ون 260 ايم جي ڊي ٺٽي ۽ ملير ضلعن ۾ تعمير هيٺ آھي، منصوبو 100 ڪلوميٽر پري يعني ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي مان پاڻي جي ٽن ذخيرن (ريزروائر) جي مدد سان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري سگهندو ھنن چيو ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي فور نھايت ئي اهم منصوبو آهي جڏھن تہ منصوبي سان شهرين کي پاڻي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ھنن ٻڌايو تہ منصوبي تحت 650 ايم جي ڊي جو اسٽريڪچر تعمير ھيٺ آھي، 650 ايم جي ڊي جو هڪ گريوٽي چينل ڪينجهر پمپنگ ڪمپليڪس تائين تعمير ڪيو ويندو ۽ 260 ايم جي ڊي ڪي فور منصوبي جي تحت 3 ذخيرن (ريزروائر) ۽ پمپنگ اسٽيشنون نادرن باءِ پاس اين ئي ڪي اولڊ ۽ پپري فلٽر پلانٽ جي ويجهو تعمير ڪيون وينديون، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.










