عالمي امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: باجوا

عالمي امداد ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: باجوا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته عالمي ڀائيوارن جي امداد ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا سان برطانوي هاءِ ڪمشنر سچن ٽرنزني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي معاملن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي برطانوي هاءِ ڪشمنر ٻوڏ متاثرن خاندانن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ برطانيا طرفان مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.برطانوي هاءِ ڪمشنر علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان سان هر سطح تي سهڪار وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس. آرمي چيف برطانيا جي حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته عالمي ڀائيوارن جي امداد ٻوڏ سبب متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ اهم هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو