اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي عمران خان جي نااهلي بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عابد شير علي چيو ته توشا چور خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ فوجداري ڪيس داخل ڪري عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي.هن چيو ته هن جي مصنوعي تقدس ۽ شرافت جو ڪپڙو چاڪ ڪيو ويو آهي.عابد شير علي جو چوڻ آهي ته عمران نيازي اعلانيل چور ۽ ڪرپٽ ثابت ٿي چڪو آهي، ان سان به ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.










