عائشه گلالئي ۽ نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شامل

عائشه گلالئي ۽ نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عائشه گلالئي ۽ قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان چوڌري سرور چيو آهي ته ٻئي اڳواڻ خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، چوڌري سرور، عائشه گلالئي، نور ولي ۽ ٻين لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.چوڌري وجاهت حسين چيو ته عائشه گلالئي ۽ قومي وطن پارٽي جي نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. چوڌري شجاعت سياست کي اڳيان کڻي هلندو.چوڌري سرور ان موقعي تي چيو ته چوڌري شجاعت جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ق) ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن. 9 مئي تي ملڪي استحڪام کي خطري ۾ وڌو ويو، جنهن تي اسان ريليون ڪڍيون.هن چيو ته عائشه گلالئي ۽ نور ولي خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا. عائشه گلالئي صحافين سان ڳالهين دوران چيو ته پاڪستان اسلام جو قلعو ۽ ان جي محافظ پاڪ فوج آهي. هر شهري پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسان تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن شخصيت لاءِ نه پر روشن پاڪستان جي وزن لاءِ آيا آهيون. چوڌري شجاعت منهنجي لاءِ احترام جوڳو آهي. هن ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو