طورخم بارڊر واپار جي لاءِ نائين ڏينهن به بند

طورخم بارڊر واپار جي لاءِ نائين ڏينهن به بند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) طورخم بارڊر ٻئي طرف واپار جي لاءِ نائين ڏينهن به بند رهيو.ڪسٽم ذريعن موجب بارڊر ڪراسنگ جي ٻنهي پاسن کان هزارين مال گاڏيون بيهجي ويون آهن.سفري دستاويزن کانسواءِ افغانستان ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين تي 9 ڏينهن اڳ پابندي لڳائي وئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان فورسز پاڪستاني مال بردار گاڏين جي داخلا به روڪي ڇڏي.ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته بارڊر ڪراسنگ کي پيدل ٽريفڪ لاءِ معمول تي آندو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو