طالبان، پاڪستان دشمني تي ڇو لهي آيا آهن؟

طالبان، پاڪستان دشمني تي ڇو لهي آيا آهن؟

ليکڪ : محمد عامر رانا
افغان طالبان، جيڪي ڪڏهن پاڪستان جا حڪمتِ عملي وارا اتحادي سمجهيا ويندا هئا، هاڻي ان رياست خلاف ڇو ڏاڍا سخت رويا اختيار ڪري چڪا آهن، جنهن کين ڊگهي عرصي تائين پناهه ۽ سهارو به ڏنو هو؟
هي سوال هاڻي پاڪستان جي عوامي بحث ۾ وڌيڪ نمايان ٿي رهيو آهي، جيئن ٻنهي ڌرين وچ ۾ تڪرار وڌي رهيا آهن. تجزيوڪار سياسي ۽ حڪمتِ عملي سبب ڳولي رهيا آهن، پر هن تبديلي جون پاڙون طالبان جي نظرياتي سڃاڻپ ۽ انهن قبائلي اصولن ۾ آهن، جيڪي انهن جي دنياوي سوچ کي ترتيب ڏين ٿا.
اڳي ئي، جڏهن طالبان آگسٽ 2021ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آيا نه هئا، ڪجهه مبصرن اڳڪٿي ڪئي هئي ته جيئن ئي طالبان پنهنجو هدف افغانستان ۾ حاصل ڪندا، تيئن ئي اهي پاڻ کي پاڪستان جي تخليق سمجهجڻ واري تصور کي رد ڪري ڇڏيندا. اها اڳڪٿي درست ثابت ٿي. طالبان جو رويو نه صرف سياسي حقيقت پسندي ڏيکاري ٿو، پر هڪ قبائلي عزت (ننگ يا غيرت) جي احساس تي به ٻڌل آهي، جيڪو پختونولي جي روايتي ضابطن ۾ گهريل آهي.
پختونولي ۾ “عزت” صرف انا يا بهادري ناهي، اها ايمانداري، وفاداري ۽ آزادي جي دفاع جو مجموعو به آهي. اهو تقاضا ڪري ٿو ته وعدا پوري ڪيا وڃن، مهمانن جي عزت ڪئي وڃي، پر ساڳئي وقت ڪنهن ٻاهرين قوت جي حڪم مان آزاد به رهي. يعني وفاداري مشروط آهي، دائمي غلامي نه. جيڪڏهن اها عزت يا خودمختياري کي نقصان پهچائي، ته اها وفاداري نٿي سڏي سگهجي. طالبان لاءِ، ڪابل فتح ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي سرپرستي قبول ڪرڻ سندن غيرت جي خلاف آهي، جيئن پاڻ کي حڪمران ۽ فاتح سمجهندڙ قوت لاءِ ڪنهن جي محتاجي ذلت هوندي.
ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ڪيترين ئي قبائلي ۽ ڳوٺاڻي سماجن ۾ مهمان نوازي جي بدلي وفاداري جي اميد عام آهي، پر ڊگهي مهمان نوازي کي اڪثر بوجهه يا لعنت سمجهيو ويندو آهي. جڏهن اهڙا لاڳاپا گهڻو وقت هليا وڃن، ته انحصار ناراضگيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿو. گڏيل وسيلن ۽ مفادن جا تڪرار اُڀرن ٿا. اهو ئي حال افغان مهاجرن ۽ روهنگيا ڪميونٽين سان به ڏٺو ويو آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي قبائلي علائقن ۾، مهمان نوازيءَ جي بدلي وفاداري گهرڻ کي به هڪ “سودو” سمجهيو ويندو آهي، جيڪو اخلاقي معنى کي بگاڙي ڇڏيندو آهي. جڏهن وفاداري طلب ڪئي وڃي ٿي، ته اها عزت جو عمل نٿي رهي، پر هڪ ڪاروباري شئي بڻجي وڃي ٿي. طالبان جي نظر ۾، ٽي ٽي پي انهن جا مهمان ۽ جنگي ڀائر آهن، جيڪي گڏجي هڪ دشمن سان وڙهيا هئا.
انڪري، جيڪڏهن پاڪستان هاڻي انهن کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ، ٽوڙڻ يا حوالي ڪرڻ جو مطالبو ٿو ڪري، ته طالبان لاءِ اهو سندن قبائلي ۽ اخلاقي اصولن جي توهين آهي. ڪنهن مهمان يا ساٿي کي بيروني دٻاءَ هيٺ ڌوڪو ڏيڻ سندن سڃاڻپ جي اخلاقي بنيادن کي ٽوڙڻ برابر آهي.
رياستون، البته، مختلف اصولن تي هلن ٿيون۔ انهن جي عزت ۽ اخلاق سياسي ۽ معاشي مفادن سان جڙيل هوندا آهن. جڏهن مفاد، بدنامي جي خوف تي ڀاري پون ٿا، ته رياستون عملي طريقي سان عمل ڪنديون آهن. پاڪستان به ساڳي ريت طالبان تي دٻاءُ وڌو، فوجي حملا، اقتصادي پابنديون، سفارتي ۽ سياسي حڪمت عمليون ۽ وقت سان گڏ هڪ نئين قسم جو طاقت جو توازن پيدا ڪيو.
دوحه ۽ استنبول جا واقعا انهيءَ تبديلي جي علامت هئا، جيتوڻيڪ انهن مان مستقبل لاءِ ڪنهن پائيدار حل جي گهڻي اميد نظر نٿي اچي. هڪ اهم سبب، جيڪو طالبان جي پاڪستان خلاف دشمنيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، اهو آهي سندن مذهبي ۽ نظرياتي ڀائراڻو لاڳاپو. پاڪستان 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن ۾ مجاهدين ۽ پوءِ طالبان جي پرورش ڪئي، هڪ اهڙي حڪمتِ عملي تحت، جنهن جو مقصد هندستان جي اثر کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ هڪ دوست حڪومت آڻڻ هو.
پر هي منصوبا ناڪام ٿيا، ڇو⁠ته طالبان ۽ ڪيترائي مذهبي حلقا پاڪستان کي هڪ “ناقص اسلامي رياست” سمجهن ٿا، جيڪا مڪمل اسلامي نظام سان تبديل ٿيڻ گهرجي. انهن جي نظر ۾ سياسي ۽ هٿياربند جدوجهد انهيءَ تبديليءَ جو لازمي حصو آهي.
1990ع جي ڏهاڪي جي جهادي لٽريچر ۾ اهو خيال عام هو ته جڏهن ڪشمير ۽ افغانستان “آزاد” ٿي ويندا، ته ايندڙ هدف پاڪستان هوندو. ڪجهه اڳوڻا گروهه، جيئن حرڪت‌الجهاد الاسلامي، 1995ع ۾ ناڪام فوجي بغاوت ذريعي حڪومت هٽائڻ۽ مذهبي رياست قائم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي.
طالبان لاءِ، وفاداري سندن مذهبي نظرئي، قبائلي ضابطن ۽ انهن جي پيدا ڪيل سياسي اخلاق سان طئي ٿئي ٿي. هو اتحاد ۽ سهائتا کي “خدا جي ارادي” جو حصو سمجهن ٿا، نه ڪي ڪنهن احسان جو بدلو ڏيڻ وارو عمل.
نتيجي ۾، طالبان جي حڪومت افغانستان ۾ اڳوڻين افغان حڪومتن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان سان وڌيڪ سخت ۽ مخالف رويي اختيار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ته اهي عالمي سفارتي اصولن جي دائري ۾ ڪم ڪرڻ بدران پنهنجن نظرياتي ضابطن تي هلن ٿا.
هاڻي پاڪستان جي رياستي حلقن لاءِ اهو سوچڻ ته طالبان وفادار يا فرمانبردار رهندا، هڪ سادگيءَ ڀري اميد بلڪه بيوقوفي لڳي ٿي. جن ماڻهن انهن کي “حڪمتِ عملي اتحادي” بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن نه فقط انهن جي نظرياتي فطرت کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي، پر مذهبي انتهاپسنديءَ کي به ايترو طاقتور بڻايو جو اها پاڪستان جي پنهنجي سماجي ڍانچي لاءِ به خطرو بڻجي وئي. هڪ اهڙي وراثت جيڪا فرقيوار نفرت ۽ دهشتگرديءَ جي صورت ۾ان علط فيصلي جي خميازي جي صورت ۾ اڄ ڀوڳڻي ٿي پوي. (نوٽ هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين سنڌيار ۾ شايع ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو