طاقتور سسٽم بلوچستان ۾ داخل، فصل ۽ گهرن کي نقصان، 10 زخمي

طاقتور سسٽم بلوچستان ۾ داخل، فصل ۽ گهرن کي نقصان، 10 زخمي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) مون سون جو طاقتور سسٽم بلوچستان جي اترين اپر علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان موجب سسٽم سبب جبل سليمان ۽ کيرٿر رينج ۾ تيز برسات پئي ۽ اڄ ڪجهه هنڌن تي طوفاني هوائن جو به امڪان آهي.ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته طوفاني برساتن ۽ هوائن سبب زندگي جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي، سيلابي ريل ۽ هوائن سبب لکين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته ٽوبه اچڪزئي، ٽوبه ڪاڪڙي، قلعه عبدالله، پشين ۽ زيارت ۾ فصلن کي به نقصان پهتو آهي.ڊپٽي ڪمشنر موجب برسات ۽ هوائن سبب گهر، ڀتيون ۽ سولر پينل ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو