ضمانت رد ٿيڻ بعد 3 اڳوڻا آفيسر نيب هٿان گرفتار، جيل حوالي

ضمانت رد ٿيڻ بعد 3 اڳوڻا آفيسر نيب هٿان گرفتار، جيل حوالي

سکر(بيورو رپورٽ)ڪشمور ۾ تعليم کاتي ۽ خزاني آفيس ۾ ڪرپشن واري معاملوي ۾ سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب سکر ڪارروائي ڪري ٽن اڳوڻن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ محمد حسن. عبدالشڪور ۽ نذير احمد شامل آهن.  گرفتار جوابدار آفيسرن مٿان 6 ڪروڙ  روپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ٿيل آهي.گرفتار جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ رمانڊ لاء پيش ڪيو ويو، عدالت نيب جي رمانڊ تي حوالي ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ٽنهي آفيسرن کي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو