ضلع ڪائونسل گهوٽڪي جي مالي سال جو بجيٽ منظور

ضلع ڪائونسل گهوٽڪي جي مالي سال جو بجيٽ منظور

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: ظهير وسير) گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جو مالي سال 2026-27 جو ساليانو بجيٽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿيل اجلاس دوران متفقه طور منظور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين مير بابر علي خان لنڊ ڪئي، جنهن دوران هڪ ارب 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.بجيٽ موجب نوان ترقياتي منصوبا لاءِ 65 ڪروڙ 71 لک رپيا ۽ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 5 ڪروڙ 41 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ ٻين روينيو خرچن لاءِ هڪ ارب 6 ڪروڙ 69 لک رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ دستاويزن موجب مجموعي آمدني جو ڪاٿو هڪ ارب 70 ڪروڙ 4 لک رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته 2 لک 49 هزار رپين جي سرپلس بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل بنگل خان مهر چيو ته محدود وسيلن باوجود عوامي ڀلائي، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ ترقياتي منصوبن جي بروقت تڪميل کي اولين ترجيح ڏني ويندي ته جيئن ضلعي جي هر علائقي ۾ هڪجهڙي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل مير بابر علي خان لنڊ چيو ته بجيٽ عوامي ڀلائي، بنيادي سهولتن ۽ ضلعي جي مجموعي ترقي کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ضلعي ڪائونسل جي سموري ٽيم بنا ڪنهن امتياز جي ترقياتي ڪمن ذريعي عوام جي خدمت جاري رکندي ۽ موجود وسيلن کي شفاف نموني استعمال ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو